لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف آرٽيڪل 6 ۽ ساک کي ڇيهو رسائڻ واري قانون تحت ڪيس  داخل ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پنجاب حڪومت جي صوبائي وزيرن طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف آرٽيڪل 6 ۽ ساک کي ڇيهو رسائڻ واري قانونن تحت ڪيس ٺاهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ صوبائي ڪابينا ۽ پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس بابت وزيراعلي ايوان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري صوبائي وزير ملڪ احمد خان چيو آهي ته اسان کي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪنهن رياستي اداري کان اجازت ناهي وٺڻي ڇاڪاڻ ته ثبوت موجود آهن.هن چيو ته فواد چوڌري، قاسم سوري، عمر سرفراز چيمه سميت ٻيا آئين ٽوڙڻ جا ذميوار آهن، سندن خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جڏهن ڪوڙيون خبرون پکيڙيندڙ خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ واري قانون تحت ڪيس داخل ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. گهرو وزير عطاءُ الله تارڙ عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير جا اختيار پنهنجي گهرواري ۽ فرح گوگيءَ کي ڏئي ڇڏيا هئا، اسان اڃا ڪيس ٺاهيا ئي ناهن ۽ هو ضمانتون ڪرائيندا پيا وتن، جيڪڏهن اسان ڪيس ٺاهياسين ته پوءِ سندن ڪهڙو حشر ٿيندو. عطاءَ تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ وارا استعيفا ڏيڻ باوجود پگهارون ۽ ميڊيڪل بلن لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي منٿون ڪندا آهن، کين ٿورو ته شرم ۽ حيا ڪرڻ گهرجي.