بدين (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته بلاول ڀٽو جي حڪم تي بدين جي ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر  اسپتال جو نالو مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي نالي سان منسوب ڪيو پيو وڃي. جنھن جو جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدين پهچي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر مرحوم ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي پٽ ذڪريا سڪندر منڌرو ۽ ڀاءَ ڊاڪٽر ڪوثر منڌرو سان عذرخواهي ڪئي. ان موقعي تي هن سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته رب پاڪ مرحوم  کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته مرحوم ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو  جي لاڏاڻي سان بدين جي رهواسين پاڪستان پپيلزپارٽي ۽خاص ڪري مون لاءِ تمام وڏو صدمو آهي. ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو پي پي پي جو هڪ وڏو اثاثو هو. ڊاڪٽرصاحب جي بدين جي رهواسين ۽ پي پي پي لاءِ ڪيل اڻٿڪ  خدمتن کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي. وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو  کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ ڪم ڪيو ۽ انهن سمورن سندس صلاحيتن جو اعتراف پڻ ڪيو. وڏي وزرير چيو ته  هو ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو کي پنهنجو استاد مڃي ٿو ڇاڪاڻ ته پهريون دفعو 2002 ۾ جڏهن هوچونڊجي اسيمبلي ۾ آيو ته ان وقت  هن سمورن نئين آيل ميمبرن کي اسيمبلي جي قائدي ۽ ضابطي بابت آگاهي ڏني.