بوسٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي پوليس 12 سالن کانپوءِ انڌي قتل جو هڪ معاملو حل ڪري ورتو آهي جنهن ۾ سڀ کان اهم ڪردار لاهوري گجر جو آهي جيڪا جوابدار جاءِ واردات تي استعمال ڪرڻ کانپوءِ ڦٽو ڪئي هئي ۽ ان تي قاتل جا ڊي اين اي موجود هئا. 27 فيبروري 2011ع تي ميساچيوسيٽس جي هڪ گهر ۾ 31 سالن جي ٽوڊ ليمپلي کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو. پر هاڻي پوليس 40  سالن جي ڊيوارس هيمپٽن کي گرفتار ڪيو آهي پر اڃا فرد جرم لاڳو نه ڪئي وئي آهي. پوليس موجب لاهوري گجر کي سائلينسر طور استعمال ڪيو ويو هو. 12 سالن کانپوءِ ان لاهوري گجر تي جوابدار جا ڊي اين اي به مليا هئا جنهن کي پوليس محفوظ ڪري ورتو هو. ان کانپوءِ پوليس نوٽ ڪيو ته مبينا قاتل واردات کان اڳ ۽ بعد ۾ هڪ ٻئي ساٿي کي هڪ درجن ڪال ڪئي هئي. جيڪو مقتول جي گهر اندر موجود هو. ٽيون اهم ثبوت اهو آهي ته ڊيوارس هيمپٽن هڪ ڪڙو پهريون هو جنهن ۾ جي پي ايس نظام هو ۽ رڪارڊ موجب قتل جي وقت اهو قتل ٿيندڙ  شخص ٽوڊ جي گهر جي ڀرپاسي موجود هو. جيئن ته اهو قتل جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ئي گرفتار ٿي ويو هو پر هن وقت تائين ڏوهه کان انڪار ڪندو رهيو هو.