ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور ترين ڪاميڊي فلم هيرا ڦيري 3 جي ڪاسٽ ۾ سپر اسٽار سنجي دت به شامل ٿي ويو آهي جيڪو ڏوهاري شخص جو ڪردار ادا ڪندو. فلم هيرا ڦيري کي 2000 ۾ رليز ڪيو ويو هو جنهن جي ڪاميابي کانپوءِ ان جو سيڪوئل فر هيرا ڦيري 2006ع ۾ رليز ڪئي وئي هئي. سوشل ميڊيا رپورٽن موجب هيرا ڦيري 3 جو شروعاتي سيڪوئل “فر هيرا ڦيري“ جي آخري سين کان شروع ٿيندو، اتان کان ڪهاڻي شروع ٿيندي ۽ ٽنهي مک ڪردارن کي هٿيارن ۽ مافيا جي عالمي نيٽ ورڪ ۾ ڏيکاريو ويندو. واضح رهي ته فلم جي پهرين ٻنهي حصن جيان ٽئين حصي ۾ به اڪشي ڪمار، پريش راول ۽ سنيل شيٽي مک ڪردار ادا ڪندا.