ڏکڻ ڪوريا(انٽرسٽنگ نيوز) هونئن ته ايئرپورٽ ڏسڻ ۾ خوبصورت هوندي آهي پر ڇا اوهان اتي رهائش اختيار ڪرڻ پسند ڪندا آهيو؟ روس سان تعلق رکندڙ هڪ شخص 5 مهينن تائين ڏکڻ ڪوريا جي هڪ ايئرپورٽ اندر رهڻ تي مجبور ٿي ويو. گڏيل طور تي اهي 5 ماڻهن آهن پر انهن مان هڪ جي ڪهاڻي هاڻي منظرعام تي آئي آهي. اهي ماڻهو ڏکڻ ڪوريا جي انچيون انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي آڪٽوبر 2022 تي پهتا هئا. روسي صدر طرفان يوڪرين جنگ لاءِ مردن کي فوج جو حصو بڻائڻ جي اعلان کانپوءِ اهي اتان فرار ٿيا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ وڃي ڦاٿا. ڏکڻ ڪورين جي انصاف واري وزارت طرفان انهن ماڻهن جي پناهه لاءِ ڏنل درخواستون رد ڪيون ويون جنهن سبب اهي ايئرپورٽ تان ٻاهر قدم نٿا رکي سگهن. اهي ايئرپورٽ جي فرش تي سمهندا هئاڪجڏهن ته مقامي عملي طرفان فراهم ڪيل کاڌي سان پيٽ ڀريندا هئا. هاڻي انهن مان 2 ڄڻن کي ايئرپورٽ تان ٻاهر هڪ حڪومتي مرڪز ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. باقي 3 ماڻهن اڃا به ايئرپورٽ ۾ ڦاثل آهن.