لاس اينجلس(م ڊ) آمريڪي رياست ڪيلفورنيا ۾ نئين چيني سال جي حوالي سان ٿيل تقريب ۾ فائرنگ سبب گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽس موجب لاس اينجلس جي مانٽيري پارڪ نالي علائقي ۾ ٿيل تقريب دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اڃا تائين مارجي ويلن بابت سرڪاري انگ اکر جاري نه ٿي سگهيا آهن پر پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا آهن. ان علائقي ۾ واقع ڪام هائوس سي فوڊ نالي ريسٽورينٽ جي مالڪ ٻڌايو ته 3 ماڻهو ريسٽورينٽ ۾ تيزي سان داخل ٿيا ۽ دروازو بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هڪ همراهه مشين گن سان فائرنگ ڪئي. ريسٽورينٽ مالڪ موجب فائرنگ جو واقعو علائقي جي هڪ ڊانس ڪلب ۾ مقامي وقت موجب رات 10 وڳي کانپوءِ پيش آيو. واقعي جي زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، پر اِهو واضح ناهي ٿيو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي يا نه. مارجي ويلن ۾ چينين جي اڪثريت شامل آهي.