اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز (پي اي ايل سي پي) هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسٽيل سيڪٽر کي ايل سيز تي پابندي سبب پيدا ٿيندڙ بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي وڃي، هي شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ايڪسپورٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پي اي ايل سي جي اڳواڻن موجوده بحراني صورتحال جي سلسلي ۾ ٿيل هڪ هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته شفاف انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جي تنظيم دستاويزي مينيوفيڪچرنگ جي نمائندگي ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ لانگ اسٽيل انڊسٽري جي مختلف ادارن جي مالڪن ۽ اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي، پي اي ايل سي پي جي اڳواڻ مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي، ايل سي کولڻ تي پابندي، رپئي جي ڪرندڙ قدر، مهانگائي، ليڪويڊيٽي جي گهٽتائي ۽ پيداواري لاڳت ۾ نمايان اضافي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي پيداواري شعبي جي لاءِ هڪ چيلينج قرار ڏنو، اجلاس دوران ميمبرن ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايل سي کولڻ جو مامرو چئن ڪاروباري ڏينهن جي اندر حل نه ڪيو ويو ته ڪچي مال جي عدم فراهمي سبب اسٽيل ملون اڻ ڄاڻايل مدي تائين بند ٿي سگهن ٿيون جيڪو ملڪ جي صنعتي نظام لاءِ هڪ ڌچڪو هوندو ۽ بيروزگاري وڌندي، 44 صنعتون اسٽيل جي فراهمي تي ڀاڙين ٿيون انهن جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسمبر جي مهيني ۾ سيمينٽ جي پيداوار ۾ سالياني 9 سيڪڙو يعني 3.67 ملين ٽن گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سگريٽن جي امپورٽ ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جيڪو گذريل 10 سالن ۾ سالياني گهٽتائي جو رڪارڊ آهي.