ڪراچي(م ڊ) رجب جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين رجب سڀاڻي ٿيندي. چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس ڪالهه ٿيو. اعلان موجب ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ رجب جو چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي نه ملي. ان ڪري پهرين رجب المرجب 24 جنوري اڱاري جي ڏينهن ٿيندي.