واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ وچ مدي واريون چونڊن لاءِ ووٽنگ اڄ ٿيندي، مسڪ ريپبلڪ جي حمايت ڪري ڇڏي، دنيا جي امير ترين شخصيت ۽ ٽوئٽر جي نئين سربراهه ايلون مسڪ آمريڪا ۾ اڄ اڱاري ڏينهن ٿيندڙ مڊٽرم اليڪشن لاءِ آمريڪين کي ري پبلڪنز کي ووٽ ڏيڻ جو مشورو ڏنو آهي، ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ آزاد سوچ رکندڙ ووٽرز کي مشورو ڏنو ته اهي ريپبلڪن ڪانگريس لاءِ ووٽ ڏنو. ايلون مسڪ وڌيڪ چيو ته ري پبلڪنز ۽ ڊيموڪريٽس جا حامي ڪڏهن ٻئي ڌر کي ووٽ ناهن ڏيندا، آزاد ووٽرز ئي اهم آهن، جيڪي اصل ۾ فيصلو ڪندا آهن ته سربراهه ڪير هوندو. واضح رهي ته آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن ۾ ايوان نمائندگان جي 435 ۽ سينيٽ جي 35 سيٽن لاءِ ووٽنگ اڄ ٿيندي.