ڪوئيٽا (م ڊ) وقتي آءِ جي بلوچستان چوڌري سلمان چيو آهي ته ڪوئيٽا ۽ صوبي جي ٻين علائقن ۾ پوليس خلاف ناڪاري پروپيگنڊا جي خاتمي لاءِ رابطا مهم شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽن مهينن ۾ 280 عورت پوليس اهلڪارن جي ڀرتي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. ڪوئيٽا کانسواءِ تربت ۽ گوادر ۾ به عورتن لاءِ ماڊل پوليس اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. وقتي آءِ جي پوليس چوڌري سلمان پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪجهه عرصي کان سوشل ميڊيا تي پوليس بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، عورتن جو احترام بلوچستان جي مذهبي ۽ قبائلي روايتن جو حصو آهي. هن چيو ته پوليس فورس ۾ 280 عورتون ڀرتيون ڪيون پيون وڃن، عورت آفيسرن جي حوصلا افزائي ۽ مهم هلائي رهيا آهيون تربت ۽ گوادر ۾ به عورت پوليس اسٽيشنون قائم ڪيون پيون وڃن. چوڌري سلمان چيو ته اقليتن ۽ ٽرانس جينڊر برادرين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ان لاءِ آءِ جي آفيس ڀرسان سينٽر قائم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.