اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت وزارت کي دماغي ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان سرڪاري ۽ نجي ماهرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان اجلاس ٿيو، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صحت جي عالمي اداري سميت دماغي صحت تي ڪم ڪندڙ ادارن ۽ صحت وزارت جي نمائندن شرڪت ڪئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صحت وزارت دماغي ۽ نفسياتي صحت تي سرڪاري ۽ نجي اسٽيڪ هولڊرن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي، جيڪا ڪاميٽي دماغي صحت جي حوالي سان نون تصورن تي غور ڪري، هن چيو ته اندازي مطابق 80 سيڪڙو ماڻهو دماغي صحت جي ضرورتن کان محروم آهن.