آمريڪا ۾ اڌڙوٽ شخص جي زبان تي وار ڦُٽي پيا

0
610

واشنگٽن (دلچسپ نيوز) هڪ عجيب بيماري ۾ مبتلا 50 سالن جي آمريڪي شخص جي زبان تي “ڪارا وار” پيدا ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي 50 سالن جي شهري جي زبان تي ڪارا داغ ظاهر ٿيا ته هن چمڙيءَ جي ماهر ڊاڪٽرن سان صلاح ڪئي. متاثر شخص جي زبان جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر به حيران ٿي ويا ڇو ته هو هڪ ناياب بيماري ۾ مبتلا هو جنهن سبب سندس زبان تي وار ڪارا داغ نه پر وار نڪري آيا هئا.

ميڊيا رپورٽن موجب هن مرض کي ’بليڪ هيئر ٽنگ‘ (بي ايچ ٽي) چيو ويندو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته وڏي عمر جي ماڻهن ۾ هن قسم جي بيماري سخت ٽوٿ برش ڪرڻ، سخت کاڌو کائڻ ۽ مصالحي دار کاڌو کائڻ سبب ٿيندي آهي. بهرحال، ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اهو وائرل يا فنگل انفيڪشن ناهي، پر هڪ وقتي بيماري آهي، جيڪا تمام گهٽ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ان سان مريض کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿيندي آهي يا صحت تي اثر نه ٿيندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته وات کي صاف ڪرڻ سان ان مرض جو آساني سان علاج ٿي سگهي ٿو.

 

ھي به پڙھندا

سوشل ميڊيا تي اوهان کي هاڪاري رهڻ گهرجي: جيڪولين