سوشل ميڊيا تي اوهان کي هاڪاري رهڻ گهرجي: جيڪولين

0
191
سوشل ميڊيا تي اوهان کي هاڪاري رهڻ گهرجي: جيڪولين
سوشل ميڊيا تي اوهان کي هاڪاري رهڻ گهرجي: جيڪولين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنانڊز چيو آهي ته شهرت هڪ تلوار جيان آهي، جنهن کي سنڀالڻ ڏکيو هوندو آهي. هڪ انٽرويو ۾ جيڪولين چيو ته ڪاميابي سان گڏوگڏ اوهان کي سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تڪرارن کي منهن به ڏيڻو پوي ٿو، اهي ئي شيون آهن، جيڪي اوهان کي سخت بڻائين ٿيون.

هن چيو ته اسان کي انهن جهڙو سخت رويو اختيار ڪرڻ کان بچڻ لاءِ پاسو ڪرڻ گهرجي، منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن پر اسان کي ان حوالي سان هاڪاري رهڻ گهرجي ۽ اهڙن تڪرارن جي ناڪاري اثرن کان بچڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته مان اهو سڀ ورهين جي تجربي کانپوءِ چئي رهي آهي.

ھي به پڙھندا

 

ثناءُ جاويد جو پنهنجي خلاف پروپيگنڊه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو