بينظير ڀٽو ورسٽي لاڙڪاڻو ۾ وي سي جي عھدي تان ڇڪتاڻ، آريجا ڪئمپس آفيسن کي تالا

0
210
بينظير ڀٽو ورسٽي لاڙڪاڻو ۾ وي سي جي عھدي تان ڇڪتاڻ، آريجا ڪئمپس آفيسن کي تالا
بينظير ڀٽو ورسٽي لاڙڪاڻو ۾ وي سي جي عھدي تان ڇڪتاڻ، آريجا ڪئمپس آفيسن کي تالا

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويد لاڙڪ) لاڙڪاڻي جي شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ وائس چانسلر جي عھدي تي ٻن پروفيسرن حاڪم  علي ابڙو ۽ انيلا عطاالرحمان وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، ھڪ پاسي سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي طرفان قائم مقام وائس چانسلر جي چارج ملڻ تي پروفيسر حاڪم علي ابڙو عھدو سنڀالي ويٺل آهي ته ٻئي پاسي جبري موڪل تي رواني ٿيل اڳوڻي وائس چانسلر پروفيسر انيلا عطاالرحمان به جبري موڪل جو مدو مڪمل ٿيڻ کان اڳ واپس يونيورسٽي پھچي گذريل 4 ڏينهن کان پاڻمرادو چارج سنڀالي ويھي رھي آھي، پروفيسر انيلا عطاالرحمان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي جو جواز ڄاڻائي يونيورسٽي ۾ وائس چانسلر جو عھدو سنڀالي انتظامي معاملا ھلائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،

جنهن ۾ ھن يونيورسٽي جي عملدارن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽي جي ماتحت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شروع ٿيل راندين جي ايونٽ جو به افتتاح ڪيو آهي، ان حوالي سان پروفيسر انيلا عطاالرحمان جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کيس 45 ڏينهن جي جبري موڪل تي روانو ڪيو ھو، جنھن حڪم کي مون سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ چيلينج ڪيو هو، جنهن تي عدالت جبري موڪل جي حڪم نامي خلاف اسٽي جاري ڪندي مون کي پنهنجي وائس چانسلر واري عھدي تي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو، مون عدالتي حڪم تي عمل ڪندي واپس يونيورسٽي پھچي عھدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. ھوڏانھن قائم مقام وائس چانسلر پروفيسر حاڪم علي ابڙو چيو ته يونيورسٽي جي وقتي وائس چانسلر جي چارج اڃا تائين مون وٽ آهي،

جيڪا واپس نه ورتي وئي آهي، جنهن ڪري يونيورسٽي جا انتظام ھلائي رهيو آهيان، هن چيو ته پروفيسر انيلا عطاالرحمان کي سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري کاتي پاران جبري موڪل تي روانو ڪرڻ بعد سندس عھدي تي واپسيءَ لاءِ ڪو به نئون حڪم جاري نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ھوءَ جنهن عدالتي حڪم نامي کي عھدي تي واپس ورڻ جو جواز ڄاڻائي رهي آهي، پر حڪم نامي ۾  ڪٿي به اسٽي آرڊر ۽ يونيورسٽيءَ ۾ وائس چانسلر جي عھدي سنڀالڻ جو ڪو به ذڪر نه آهي، قانوني طور وائس چانسلر جي عھدي جي چارج منهنجي ئي حوالي ٿيل آهي، جنهن ۾ انيلا عطاالرحمان رنڊڪون وجهي رھي آھي، هن چيو ته يونيورسٽي جي آريجا واري مک ڪئمپس جي وائس چانسلر سيڪريٽريٽ کي تالا پڻ ھڻائي ان کي بند ڪرايو ويو آهي.

 

ھي به پڙھندا

 

ڪراچي: عورت هلندڙ ايمبولينس ۾ ٻارڙي کي جنم ڏيڻ بعد اڇلائي ماري ڇڏيو