ثناءُ جاويد جو پنهنجي خلاف پروپيگنڊه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو

0
323
ثناءُ جاويد جو پنهنجي خلاف

ڪراچي (م ڊ) اداڪاره ثنا جاويد پنهنجي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ وارن ماڊلز ۽ ميڪ اپ آرٽسٽس خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪندي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سان رابطو ڪيو آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن کان ماڊلز ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ سوڌو اداڪار سوشل ميڊيا تي اداڪاره ثنا جاويد جي طرفان ساٿي فنڪارن سان ٿيندڙ نامناسب ۽ ناقبل برداشت رويي بابت آواز اٿاري رهيا آهن

ماڊل منال سليم ثنا جاويد جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هو هاڻي وڌيڪ ڪنهن اداڪاره سان گڏ ڪم نه ڪندي، ڇو ته اهي اداڪارائون اسان کي معمولي ماڊلز سمجهن ٿيون، منال سليم کانپوءِ ڪيترن ئي ميڪ اپ آرٽسٽ ۽ اداڪارائن رابعه ڪلثوم به ثناءُ جاويد جي رويي کي نا مناسب قرار ڏنو هو

ھي به پڙھندا

منال سليم کانپوءِ اڪرام گوهر جا به اداڪاره ثنا بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف