نيوٽرل فقط جانور ٿيندو آهي، جنرل باجوه مونکي چيو ته فضل الرحمان کي ڊيزل نه چئو: عمران خان

0
483
جنرل باجوا چيو ته

لوئر دير (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فضل الرحمان کي ڊيزل نه چئجان، لوئر دير ۾ جلسي کي خطاب لاءِ عمران خان آيو ته ماڻهن ڊيزل ڊيزل جا نعرا هنيا

نعرن جو جواب ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هاڻي منهنجي جنرل باجوه سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، مونکي جنرل باجوه چيو ته فضل الرحمان کي ڊيزل نه چئجان.  وزيراعظم عمران خان چيو ته مون جنرل باجوه کي چيو ته مان نه چئي رهيو آهيان پر عوام سندس نالو ڊيزل رکي ڇڏيو آهي

ھن چيو تھ ڊيزل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ مان حڪومت ۾ اچي اداري کي ٺيڪ ڪندس، مطلب ھي فوج جي اداري کي ٺيڪ ڪندا، ھي اداري کي ڪيئن  ٺيڪ ڪندا، ھنن تھ ادارن تي حملا ڪيا آھن، ججز کي خريد ڪيا. اڄ جيڪڏهن ملڪ بچيل آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ مضبوط فوج آهي، هن چيو ته الله اسان کي اجازت ئي ناهي ڏني ته اسان نيوٽرل ٿيون، نيوٽرل فقط جانور هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ بري ڀلي جي تميز ناهي هوندي

انسان هميشه چڱائي سان گڏ بيهندو آهي. وزير اعظم چيو ته هي جيڪي ٽي ڄڻا آهن تن جون شڪليون ڏسو، هڪڙو فضل الرحمان جيڪو خطرناڪ آهي، ٻيو ڊاڪو آصف زرداري ۽ ٽيون ڊرامي باز شوباز، اهي ٽي ڪوئا منهنجو شڪار ڪرڻ هليا آيا، هي ڇا شڪار ڪندا آئون سندن جلد شڪار ڪندس. هن چيو ته عدم اعتماد تي هڪ ان سوئنگ يارڪر سان ٽنهي جون وڪيٽون اڏائيندس

ھي به پڙھندا

فضل الرحمان استعمال ٿئي پيو، خوف نه ٿو پکيڙڻ چاهيان پر اطلاع سٺا نه آهن: شيخ رشيد