وزيراعظم پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت کي هنگامي طور بني گالا گهرائي ورتو

0
194
شفافيت جي دعويدار عمران جي دور ۾ پنهنجا نوازي جو انڪشاف
شفافيت جي دعويدار عمران جي دور ۾ پنهنجا نوازي جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت کي هنگامي طور بني گالا گهرائي ورتو، بي اعتمادي رِٿ کي منهن ڏيڻ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ بابت پلان کي حتمي منظوري ڏني ويندي

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان پرويز خٽڪ، علي زيدي، فواد چوڌري ۽ شفقت محمود کي مشاورت لاءِ بني گالا طلب ڪري ورتو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي غور ڪيو ويندو ۽ وزيراعظم قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي حتمي منظوري به ڏيندو

ٻئي طرف حڪمران اتحادي پارٽي مسلم ليگ (ق) طرفان به بي اعتمادي واري رٿ ۾ حڪومت يا مخالف ڌر جي حمايت ڪرڻ جي حوالي سان اڄ حتمي فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي

ياد رهي ته گڏيل مخالف ڌر ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ هاڻي آئيني طور تي 14 ڏينهن جو وقت آهي ته هو قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي

ان حوالي سان سُڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو وڃي ته جيئن بي اعتمادي واري رٿ جو معاملو جلد حل ٿي سگهي

 

 

ھي به پڙھندا

اسلام آباد ۾ جلسي جو فيصلو : وزيراعظم 10 لک ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو