آمريڪا پاران وڌيڪ هڪ هزار فوجي افغانستان موڪلڻ جو اعلان

0
568

ڪراچي (م ڊ) آمريڪي صدر ڪابل مان عملي کي ڪڍڻ جي لاءِ وڌيڪ هڪ هزار فوجي موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي، آمريڪي دفاع واري کاتي پينٽاگون جو چوڻ آهي ته صدر جوبائيڊن آمريڪي ۽ افغان شهرين جي واپسي جي لاءِ وڌيڪ هڪ هزار فوجي اهلڪار موڪلڻ جي منظوري ڏني ۽ مجموعي طور تي 6 هزار امريڪي فوجي اهلڪار افغانستان موڪليا ويندا، افغانستان مان محفوظ جڳه تي منتقل ٿيڻ وارن کي ايئرپورٽ تي گڏ ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي امريڪي دفاع واري وزارت گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪاب ايئر پورٽ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش جاري آهن، امريڪي ۽ اتحادي عسڪري ۽ سول عملي کي حفاظت سان ڪڍڻ چاهيون ٿا، آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ 6 هزار آمريڪي فوجي مقرر ڪيا ويندا، افغانستان جو ائير ٽريفڪ ڪنٽرول به سنڀاليو ويندو، جڏهن ته افغانستان ۾ آمريڪي شهرين ۽ افغان اسٽاف جي فيمليز سوڌو ملڪ مان ڪڍيو ويندو، آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ڪليئرنس ۽ خصوصي ويزا وارن شهرين کي به جلد ڪڍيو ويندو ۽ انهن سڀني کي آمريڪا منتقل ڪيو ويندو، آمريڪي پرڏيهي کاتي اتحادين جي طرفان صحيح ڪيل جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان مان ويندڙ خواهش مند افغانين ۽ پرڏيهين کي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ انساني زندگي جي تحفظ جي ذميوار ۽ جواب ڏيڻ وارا افغانستان ۾ طاقتور اختيار رکڻ وارا هوندا..