لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله جي نيب انڪوائري ختم ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. نيب رانا ثناءُالله خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته رانا ثناءُ الله نيب انڪوائري خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ رانا ثناءُالله خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ٻڌڻي ڪئي. نيب جي وڪيل فيصل بخاري پنهنجي موقف ۾ چيو ته عدالتي حڪم تي نيب جواب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. اي اين ايف رانا ثناءُا لله کي منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو هاءِ ڪورٽ مان ان جي ضمانت منظور ٿي وئي. رانا ثناءُالله جي وڪيل امجد پرويز چيو ته اين ايف چيو رانا ثناءُالله سموري ملڪيت منشيات جي ڪاروبار مان ٺاهي آهي. نيب موجب رانا ثناءُ الله اثاثا ڪرپشن سان ٺاهيا آهن. نيب ملڪ جي جاچ پڙتال ڪري نوٽيس اماڻيو، جنهن کي عدالت ۾ چيلنج ڪيو آهي. ايڊووڪيٽ امجد پرويز چيو ته ملڪيت هڪ ئي آهي پر 2 مختلف ادارن جا مختلف موقف آيا آهن. نيب پنهنجي جواب ۾ چيو ته رانا ثناءُ الله خلاف ڪرپشن جا ڪي به ثبوت ناهن مليا، جنهن تي عدالت پڇيو ته ڇا اي اين ايف وارو معاملو اڃان تائين پينڊنگ ۾ آهي. رانا ثناءُ الله جي وڪيل ٻڌايو ته اي اين ايف وارو معاملو لاڳاپيل عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. عدالت پڇيو ته ڇا رانا ثناءُالله خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي. جنهن کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد رانا ثناءُالله جي نيب انڪوائري ختم ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.