اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جي گرفتاري خلاف مذمتي قرارداد منظور، اعظم سواتي ۽ عمران خان واقعن جي جاچ جو به مطالبو ڪيو ويو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ قانون جي وزير سردار اياز صادق ڳالهائيندي چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي پنجاب جي اينٽي ڪرپشن پوليس جعلي ڪيس ٺاهي گرفتار ڪيو آهي، ان جي پنهنجي ڏاڏي بلخ شير مزاري جي جنازي نماز ۾ پيرول تي آزادي ۾ به دير ڪئي وئي ان جي گرفتاري خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن کان پوءِ نواز ليگ جي ميمبر شيخ فياض الدين قومي قرارداد پيش ڪئي، جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ دوست محمد مزاري جي گرفتاري جي مذمت ڪندي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. مذهبي مامرن وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور چيو ته اعظم سواتي سان جيڪو ٿيو اهو سڀاڻي مون سميت ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو، سواتي کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو، اهڙن واقعن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، وڊيو ٺاهڻ ۾ پي ٽي آءِ وارا ماهر آهن، وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته هاڻي عمران خان گهٽين ۽ محلن ۾ ڪرتب ڏيکاري رهيو آهي، رياستي ادارن جي آفيسرن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي پلان تحت عمران خان کي هتي مسلط ڪيو ويو،  غير ملڪي ايجنٽ آهي، هو پاڪستان تي رحم ڪري، عمران نوجوانن کي پنهنجي مقصدن لاءِ ٻين پارٽين به استعمال ڪيو ته پوءِ رهڻ جي جاءِ نه ملندي. نواز ليگ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي قانون جي وزير محمود بشير ورڪ چيو ته پاڪستان خطري ۾ آهي، پاڪستان جي دشمنن هڪ شخص جي ڊيوٽي لڳائي آهي پاڪستان کي بچائڻو آهي ته محب وطن ماڻهن کي اٿي بيهڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي، عدالت کي پوليس کان اهو پڇڻ گهرجي ها پهرين ڏينهن ڇا ڏٺو ويو هو، بي اين پي مينگل سان تعلق رکندڙ مملڪتي وزير هاشم نوتزئي چيو ته عمران تي حملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، هڪ گولي لڳي يا 4 گوليون لڳيون پر تشدد واري سياست جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته اعظم سواتي جي واقعي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، ن ليگ جي نثار چيما چيو ته عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ گهرجي، ميثاق جمهوريت ۽ ميثاق معيشت ضروري آهن پر ان کان به وڌيڪ ميثاق ايٿڪس جي سخت ضرورت آهي، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته اعظم سواتي جو مامرو سنجيده آهي، سياستدانن کي بدنام ڪرڻ جو اهو سلسلو هلي پيو ته ڪو به ايوانن جو ميمبر ٿيڻ لاءِ تيار نه هوندو، جنهن به اهو ڪم ڪيو آهي ان کي سخت سزا ملڻ گهرجي.