لاهور (م ڊ) وفاقي حڪومت طرفان معطل ڪيل سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر پنهنجي معطلي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي. سي سي پي او لاهور طرفان داخل درخواست ۾ وفاقي حڪومت، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي سرڪار 27 هين آڪٽوبر تي ٽن ڏينهن ۾ عهدي جي چارج ڇڏڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، وفاقي حڪومت ٻن وفاقي وزيرن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ تي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائي رهي آهي، ٻنهي وفاقي وزيرن خلاف گرين ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.  غلام محمود ڊوگر پنهنجي درخواست ۾ چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي سي سي پي او جي مقرري ۽ بدلي جو اختيار آهي، وفاقي حڪومت صوبائي خودمخياري ۾ مداخلت ڪئي، معطلي وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان اڳ سبب ڄاڻايو نوٽيس به نه ڏنو ويو جڏهن ته پنجاب حڪومت عهدو جي چارج نه ڇڏڻ جي هدايت ڪئي. پنهنجي درخواست ۾ سي سي پي او لاهور عدالت کي استدعا ڪئي ته وفاق جي عهدي تان معطلي ۽ ٽرانسفر وري نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. غلام محمد ڊوگر طرفان عدالت کان اها به استدعا ڪئي وئي ته درخواست تي حتمي فيصلي تائين بدلي ۽ معطلي واري نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد روڪيو وڃي .