اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾  آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي جو رستو روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، عمران خان شهرين جي بنيادي آئيني حقن جي تحفظ جو بندوبست  ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڪيرايو ويو آهي قوم منهنجي حقيقي آزادي جي پڪار تي اٿي چڪي آهي، اسان کي ڪوڙن الزامن، حراسگي، بنا جواز گرفتارين ۽ ايتري تائين جو حراست دوران تشدد جهڙن هٿڪنڊن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، خط ۾ عمران چيو ته گهرو وزير بار بار مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير رانا ثناءُ الله ۽ هڪ ميجر جنرل طرفان منهنجي قتل جو منصوبو منهنجي علم ۾ آندو ويو، مون تي حمليو ڪيو ويو، الله تعاليٰ مون کي بچايو ۽ منهنجي قتل جي ڪوشش ناڪام ٿي، خط ۾ عمران خان چيو ته  رياست جي سربراهه طور ۽ آئين جي آرٽيڪل 243 جي شق 2 تحت پاڪستاني فوج جي سپريم ڪمانڊر طور توهان کي گذارش آهي ته قومي سلامتي سان جڙيل مامرن جو فوري نوٽيس وٺو، صدر پنهنجي قيادت ۾ ذميوارن جي تعين لاءِ جاچ جو بندوبست ڪري، وزيراعظم طور منهنجي، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ميڊيا کي جاري ڪري آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي وئي، هن چيو ته 27 آڪٽوبر تي آءِ ايس پي آر ۽ آءِ ايس آءِ جي ڊي جيز گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان پريس ڪانفرنس ۾ قومي سلامتي ڪاميٽي جي ٻنهي اجلاسن جي فيصلن تي هڪدم متضاد موقف  اپنايو ويو، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ٻه فوجي آفيسر ڪيئن کلي عام قومي سلامتي ڪاميٽي جي فيصلن کي ٺڪرائي سگهن ٿا، ٻه عسڪري آفيسر ڪيئن پريس ڪانفرنس دوران وفاق جي سڀ کان وڏي واحد سياسي جماعت جي سربراهه کي ڪيئن نشانو بنائي سگهن ٿا؟، آءِ ايس پي آر جي حدن کي دفاعي ۽ عسڪري مامرن تي بيان جاري ڪرڻ تائين محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي، فوج جي سپريم ڪمانڊر طور توهان کي درخواست آهي ته آءِ ايس پي آر جي حدن جي تعين جي عمل جو آغاز ڪيو وڃي.