لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن عمران تي حملي جي ايف آءِ آر ۾ اسان جا ڏنل نالا شامل ناهن ته اهو ٺلهو ڪاغذ هوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجو موقف ڏئي چڪي آهي جيڪڌهن ايف آءِ آر ۾ شهباز شريف، رانا ثناءُ الله ۽ فيصل نصير جا نالا شامل آهن ته هي ايف آءِ آر قانوني آهي انهن نالن ۾ ڪا به تبديلي ڪئي وئي ته اها تحريڪ انصاف کي قبول نه هوندي ۽ اسان لاءِ ايف آءِ آر رڳو ٺلهو ڪاغذ جو ٽڪرو هوندي.