اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس رانا مقبول جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران سينيٽر مظفر حسين شاهه پڇا ڪئي ته ٻٽي شهريت رکندڙ سول سرونٽس کي اهم ۽ حساس عهدن تي مقرر ڪري سگهجي ٿو؟ ڪابينا ڊويزن جي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ٻڌايو ته قانون ۾ سول سرونٽ يا ان جي گهرواريءَ جي ٻٽي شهريت تي ڪا به پابندي نه آهي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته حساس عهدن تي مقرر ٻٽي شهريت وارن آفيسرن کان حساس معلومات ليڪ ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي، مظفر حسين شاهه چيو ته صرف آفيسرن ذريعي نه پر انهن جي گهروارين جي ذريعي به معلومات ليڪ ٿي سگهي ٿي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته ڪاميٽي پهريون فيصلو ڪندي ته آفيسرن جي ٻٽي شهريت هجڻ گهرجي يا نه، فيصلي کانپوءِ قانون سازي جي شروعات ڪنداسين، ڪاميٽي چيئرمين آفيسرن جي ٻٽي شهريت بابت ميمبرن کان تجويزون طلب ڪري ورتيون،