خيبر (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي خيبر ۾ تخته بيگ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 3  پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب دهشتگردن تخته بيگ پوليس چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ آپگهاتي ڌماڪو ڪيو، حملي جي نتيجي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ ۾ باهه لڳي وئي، پوليس ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو به ٿيو. دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪ افغان شاهراهه تي اچ وڃ بند ٿي وئي ۽ پوليس جي وڏي نفر چيڪ پوسٽ ڏانهن رواني ڪئي وئي. دهشتگردن جي حملي ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿيا، زخمين کي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس پشاور نيو پئي ويو ته ٻنهي زخمين به دم ڏئي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيندڙن ۾ ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ چيڪ پوسٽ جو باورچي شامل آهن.