اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي جعلي اڪائونٽس جي ريفرنس ۾ رليف ملي ويو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج رانا ناصر جاويد ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. احتساب عدالت ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس نيب کي واپس موڪلي ڇڏيو، عدالت ريفرنس اختيارن جي دائري ۾ نه اچڻ تي نيب کي موڪليو. احتساب عدالت ريفرنس نيب جي لاڳاپيل فورم کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي، ريفرنس ۾ اعجاز احمد خان، علي اڪبر ابڙو، اختر دراني ۽ اعجاز ميمڻ به جوابدار طور نامزد هئا.

اسلام آباد: احتساب عدالت اسلام آباد اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس نئين قانونن تحت نيب کي واپس موڪلڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ٻڌڻي ڪئي، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي درخواست تي فاروق ايچ نائيڪ دليل ڏنا، فاروق ايچ نائيڪ چيو ته آصف زرداري تي ريفرنس ۾ 30 ملين جو الزام آهي، نيب اڃا تائين هي الزام به ثابت ناهي ڪري سگهيو، گورنر اسٽيٽ بينڪ به هي ڪيس نيب کي  نه موڪليو هو، نئين نيب قانون تحت ريفرنس به عدالت جي دائري اختيار ۾ نه ٿو اچي، احتساب عدالت قانون مطابق ريفرنس کي واپس موڪلي، احتسا ب عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، عدالت آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جي هڪ ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.