قومپرست سنڌ کي ٻوڙڻ جا ڪوڙا الزام هڻي ڪوڙو بيانيو پيش ڪري رهيا آهن: بلاول

0
319

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي قومپرستن کي ڪوڙو ۽ منفاق قرار ڏئي ڇڏيو آهي

بلاول چيو ته عمران خان وانگر قومپرست به سنڌ کي ٻوڙڻ جا ڪوڙا الزام هڻي ڪوڙو بيانيو پيش ڪري رهيا آهن، درياهه جي قدرتي لنگهن تان قبضا ختم به ڪرايون ها ته اڍائي سئو تربيلا ڊيمن جيڏو پاڻي ڪيئن نيڪال ٿئي ها؟

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفت ۽ ٻوڏ سٽيل ملڪ ۾ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، اسلام آباد کان اڳتي ٻيو ملڪ نظر اچي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران سياست چمڪائي پئي وڃي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول چيو ته  آفت ۽ ٻوڏ سٽيل ملڪ ۾ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، اسلام آباد کان اڳتي ٻيو ملڪ نظر اچي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران سياست چمڪائي پئي وڃي، اليڪشن جون تياريون ڪيون پيون وڃن، عام چونڊون وقت کان اڳ نه پر مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن

Heavy rains trigger flash floods in Sindh province | Africanews

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان ۾ هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين اڃا پاڻيءَ هيٺ آهي، بلوچستان مان ٻوڏ جا وهڪرا اڃا سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن، سنڌ جا روڊ رستا سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن

هن چيو ته سنڌ مان 50 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، وڌيڪ 50 سيڪڙو پاڻي اڃا بيٺل آهي، پاڻي نيڪال ٿيڻ تائين نقصان جو درست ڪاٿو نه لڳائي سگهون

بلاول چيو ته عالمي امداد گهڻي ملي رهي آهي، پر جيڏا ماڻهو متاثر ٿيا آهن اها امداد گهٽ لڳي رهي آهي

ھي به پڙھندا

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

منڇر جي ٻوڏ جون تباهڪاريون: 600 ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏل، نالي ماتر سروي، امدادي سامان گم