مدئجي (ن پ ا)  مدئجي جي غريب آباد جي رهواسي نعمت الله ميمڻ جي گهر مان چور بسترا، ٿانو، ڪپڙا، کاڌي پيتي جو سامان، سونا زيور ۽ گهر ۾ بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا، گهر ڌڻي نعمت ميمڻ چيو ته چورن گهر کي کاٽ هڻي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ پيل هزارين رپين جي ماليت جا هنڌ بسترا، ڪپڙا، ٿانو ٻه تولا سونا زيور ۽ گهر ۾ بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا آهن.