قانون سان مذاق بند ڪيو وڃي

0
123
وحشي ۽ دردناڪ بڻجي ويل سماج

  منھنجي پياري ملڪ جو وڏو الميو اھو رھيو آھي ته ھن آزاد ملڪ ۾ قانون انصاف سڀني جي لاءِ برابر ھجڻ بدران وڏن ماڻهن سياستدانن اثر رسوخ ماڻھن لاءِ ھڪڙو قانون ۽ غريبن مسڪينن مڊل ڪلاس طبقي جي ماڻهن لاءِ قانون ٻيو آهي. ملڪ جي ڪنھن بھ عدالت سڳوري ۾ قانون انصاف سڀني لاءِ برابر بدران پنھنجي مرضيءَ مطابق ھلندو رھندو آھي. اھڙي عجيب ۽ مذاق تي ٻڌل قانون جا چرچا ھر جڳھھ تي ڏسڻ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن جيئن ملڪ جي پھرين چونڊيل وزيراعظم عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناھھ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو ھو، جنھن کي پڻ عدالتي قتل چيو ويندو آهي. ان ڪيس متعلق عدالتن  پنھنجي غلطي کي پڻ تسليم ڪيو ھو ان کان پوءِ اڄ تائين ملڪ جي ڪنھن بھ طاقتور شخص کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري کيس سزا نه ملي سگهي آهي جنھن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو طاقتور ماڻھو قانون کان مٿانهون آهن يا وري انصاف کي پيسن سان خريد ڪري پنھنجي مرضيءَ مطابق فيصلا ورتا ويندا آھن.

  جيئن ڪورٽ سڳوري پرويز مشرف خلاف سخت فيصلو ڏنو ھو پر ٻن سالن ۾ ڪو عمل نه ٿي سگهيو. ان سان گڏ پنج سال  ملڪ کان ٻاھررھندڙ ھڪ  شخص اسحاق ڊار لاءِ عدالتن سخت ريمارڪس سان گڏ کين ٻڌي کڻي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جا فيصلا ڏنا، سندس جائيداد ضبط ڪري نيلام ڪرڻ جھڙا ريمارڪس ڏنا جنھن تي عمل نه ٿي سگهيو پر اچانڪ اھڙو جادو ٿي ويو جو اھو ساڳيو  شخص اسحاق ڊار پاڪستان اچي پھتو ۽ ھن ملڪ جي ناڻي جو والي وارث بڻجي ويو. مطلب پنج سال پوليس جنھن کي پڪڙڻ جي لاءِ انتظار ۾ ھئي آخر اھڙو ڪھڙو جادو ٿي ويو جو اھا ساڳي پوليس ان شخص جيڪو عدالتن کان مفرور ھو ان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي.يا تھ عدالت جا اڳ وارا فيصلا ۽ ريمارڪس غلط ھئا يا وري ھاڻي غلط ٿي رھيو آھي؟ آخر قانون سان ايڏو وڏو مذاق ڇو ؟ ان کان علاوه منھنجي پياري وطن ۾ اميرن توڙي ملڪ جي وڏن سياستدانن کي رليف ڏيڻ لاءِ موڪل ڏھاڙي عدالتون کوليون وينديون آهن جيئن انھن کي قانون جي پڪڙ کان آزاد ڪري کين ضمانت ڏني وڃي،جڏھن تھ جنھن کي انتقام جو نشانو بڻائڻو آھي تھ بھ رات جو عدالتون کلي وڃن ٿيون جنھن ۾ ميان نواز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ لاءِ موڪل ڏھاڙي عدالتون کوليون ويون ھيون. ان کان علاوه ڪجھھ مھينا پھرين ھڪ ڌر کي حڪومت ڏيڻ يا حڪومت کسڻ لاءِ ملڪ جون عدالتون رات جو 12 وڳي کولڻ جھڙا فيصلا پڻ سامھون آيا آهن پر افسوس ته غريبن مسڪينن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڏينھن جون به عدالتون بند رھن ٿيون.

جيئن ڪجھھ ڏينھن اڳ عمران خان جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪرڻ لاءِ عدالتن کي آچر ڏھاڙي کولي ضمانت منظور ڪئي وئي. عدالتن جي اھڙي عمل تي سوشل ميڊيا اندر سوالن جي ڀرمار لڳي پئي آهي ته آخر ھڪ آئين ٽوڙيندڙ ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيندڙ شخص کي رليف ڏيڻ لاءِ موڪل ڏھاڙي عدالت سڳوري کي ڇو کوليو ويو؟ آخر ملڪ ۾ ھي سڀ ڪجھھ ڇا ٿي رهيو آهي جو وڏيرن ڀوتارن سياستدانن کي رليف ڏيڻ کين حڪومت جي ذميواري ڏيارڻ لاءِ موڪل ڏھاڙي عدالتون قائم ڪيون وينديون آهن پر افسوس ته اڄ به پنجاھھ لک جي لڳ ڀڳ غريب مسڪين ماڻهو عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن جن کي انصاف ملڻ ته پري جي ڳالھھ آهي پر سندن ڪير داد فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي جيڪو قانون جي خلاف ورزي سان گڏ لکين ماڻهن جي لاءِ ڏکوئيندڙ ڳالھھ آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي وري وڏن ماڻهن کي انصاف ملڻ رليف ڏيارڻ لاءِ موڪل ڏھاڙي تي عدالتون کلي وينديون آهن جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. جيڪڏهن واقعي آئين قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي ته پوءِ غريبن مسڪينن کي انصاف ملڻ ۾ دير ڇو ڪئي ويندي آهي ؟ ياد رهي ته ملڪ جو ھر ادارو ھر شيءَ ڀلي تباھي ڪناري پھتل ھجي پر انصاف جو نظام بھتر آھي تھ اھو ملڪ ھڪ ڏينھن ضرور ترقي يافتھ بڻجي دنيا تي حڪمراني ڪري سگھي ٿو پر جيڪڏهن توهان جو سڄو ملڪ خوشحال ھجي عدالتي نظام تباھي ڪناري پھتل ھجي ته اھو خوشحال ملڪ تباھي ڪناري پھچي سگھي ٿو. ان ڪري عدالتي نظام کي آئين قانون مطابق ھجڻ سان گڏ ھر طاقتور شخص کان مٿانھون ھجڻ گھرجي جيئن ملڪ ۾ عدل انصاف قانون جي حڪمراني قائم ھجي جنھن سان ڪمزور ملڪ ترقي يافتھ بڻجي سگھن ٿا.