اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ حسين لوائي سميت ٻين خلاف ريفرنسز ۾ 23 ارب 85 ڪروڙ رپيا وصول ڪري ورتا. نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب راولپنڊي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊي جي نيب راولپنڊي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب راولپنڊي احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيسز جي جاچ کان پوءِ 14 ريفرنس داخل ڪيا ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ 23 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪيا. نيب جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 23 ارب 85 ڪروڙ رپيا وصول ڪري ورتا، اِها رقم آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ حسين لوائي سميت ٻين جي خلاف ريفرنس ۾ ريڪور ڪئي.