ٽنڊوجان محمد (ن پ ا) ٽنڊوجان محمد پوليس 6 ڏينهن گذرڻ باوجود اغوا ڪيل هندو ناري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ان ڏس ڳوٺ خوشي محمد آرائين مان ڇھ ڏينهن اڳ ۾ مبينا طور تي اغوا ٿيل نينگري ڦولي ميگهواڙ کي چار هٿيارن بند گهران اغو ڪيو هو، ڇھ ڏينهن گذرڻ باوجود ناري جو ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو آھي، جڏهن ته جوابدار ڌر مان واصف آرائين نامي جوابدار مغوي نينگري جي مائٽن خلاف ڪورٽ ۾ هراسمينٽ جي درخواست دائر ڪرائي هئي. جڏهن ته ناري جا وارث خوف ۾ ورتل آھن انهن جو چوڻ آھي جوابدار اسان جي نياڻي اغوا ڪري ويا آھن جنهن جي اڃا ڪا خبر ڪونهي، جڏهن ته پوليس طرفان حراست ۾ ورتل جوابدار رفيق آرائين جي گرفتاري به ظاهر ناهي ڪئي وئي. وارثن اعليٰ اختارين کان مطالبو ڪيو ته سندن اغوا ٿيل ناري کي بازياب کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.