پليجاڻي (ن پ ا) پليجاڻي جي معزز شخصيت سوڀو خان ٻاٽي جي وارثن سان اپوزيشن ليڊر سنڌ اسيمبلي حليم عادل شيخ، پ پ سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، علي حسين شاهه ڄاموٽ ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن تعزيت ڪئي، ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن سبب هر روز انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، سنڌ حڪومت جي رٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، عمران خان وزير اعظم آهي مخالف سهپ جو مظاهرو ڪن.