اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بريت خلاف نيب جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، نيب پراسيڪيوٽر پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان ڪيسز واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي ۽ اپيل ميرٽ تي نٿي بڻجي ان لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي اپيلون واپس وٺڻ جي منظوري ڏني. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته عدالت ڪيترائي ڀيرا چيو ته اهي اپيلون ميرٽ تي نه آهن ڇا نيب طرفان ڪا جاچ ڪئي وئي ته ڪيس جو رڪارڊ ڪيڏانهن ويو؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان نيب جون اپيلون واپس وٺڻ وارين درخواستن کي منظور ڪري رهيا آهيون، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته نيب جون اپيلون ميرٽ جي بنياد تي خارج ڪري رهيا آهيون، نيب جي اپيلن جو جواز ئي نه هو، آصف زرداري 15 سال پراڻن ڪيسن آرسس ٽريڪٽر پولو گرائونڊ ۽ ايس ايس جي ڪوٽيڪنا ۾ بري ٿيو هو جڏهن ته نيب آصف زرداري جي بريت کي 20115 کان چلنيج ڪري رکيو هو. بريت خلاف نيب اپيلون داخل ڪرايون هيون، جيڪي واپس ورتيون ويون آهن.