اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ۾ ڄاول افغان پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
172
جاچ ادارن موجب عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ افغان مهاجر خاندان ۾ 24 سال اڳ پيدا ٿيل نوجوان کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته پاڪستان جو قانون هتي پيدا ٿيندڙ هر ٻار کي شهريت ڏيڻ جو پابند آهي

عدالت گهرو وزاررت کي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري جمعي تائين رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ڪوبه ٻار پاڪستاني شهري بڻجي ويندو، صرف پيدائش جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت هوندي، 24 ورهين جو فضلِ حق هن تائين بغير ڪنهن شهريت جي پاڪستان ۾ ترسيل آهي

آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن وانگر اسان جو قانون به پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار کي شهريت ڏيڻ جو پابند آهي، نوجوان جي وڪيل چيو ته نوجوان 24 سال پاڪستان  ۾ بنا ڪنهن شهريت جي گذاريا

گهرو وزارت جي وڪيل چيو ته پيدائشي سرٽيفڪيٽ جي تصديق تي فيصلو ڪيو ويندو. عدالت نوجوان کي شهريت ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي سينيٽر حمدالله ڪيس ۾ ڏنل فيصلي تي به مڪمل عملدرآمد ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، عدالت ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

مداخلت جي ضرورت پئي ته موڪل واري ڏينهن به پهچي وينداسين: چيف جسٽس

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ ججز جو ڪردار ختم