اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪنهن به ميمبر کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اجازت کان سواءِ پارليامينٽ جي حد مان بنا سبب ٻڌائڻ جي گرفتار نه ڪرڻ، گرفتاري دوران پروڊڪشن آرڊر لازمي جاري ڪرڻ ۽ پروڊڪشن آڊر تي اجلاسن ۾ شرڪت دوران تحويل هيٺ ميمبر جي اجلاسن دوران  پارليامينٽ لاجز يا اسلام آباد ۾ رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏيڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي آهي، تفصيل موجب  قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس دوران قومي  اسيمبلي جي رولز 103 ۽ 106 ۾ ترميم ترميم پارلياماني مامرن جي وزير مرتضي جاويد عباسي پيش ڪئي جنهن کي قومي اسيمبلي جي ايوان منظور ڪري ورتو آھي  منظور  ڪيل ترميمن ۾ چيو ويو آھي ته  ڪنهن به پارليامينٽ جي ميمبر کي پارليامينٽ جي حدن مان گرفتار نه ڪري سگهبو جڏهن ته ڪنهن به ميمبر جي گرفتاري کان کان اڳ اسپيڪر کي سبب ٻڌائي گرفتاري جي اجازت وٺڻي پوندي منظور ڪيل ترميم تحت  گرفتار ڪيل ميمبر جو پروڊڪشن آرڊر لازمي جاري ڪيو ويندو، ۽ جڏهن ڪنهن ميمبر کي گرفتاري بعد اجلاسن لاءِ آندو ويندو تڏهن اجلاسن هلڻ تائين سندس   پارليامينٽ لاجز  يا اسلام آباد  ۾ موجود رهائش گاه  کي سب جيل قرار ڏنو ويندو، بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته ميمبر جي گرفتاري کان پوءِ ان جا پروڊڪشن آرڊر لازمي جاري ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، پروڊڪشن آرڊر جو سياسي استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، اها ترميم لازمي شامل ڪئي وڃي ته پروڊڪشن آرڊر لازمي جاري ٿيندا، پارليامينٽ لاجز يا اسلام آباد ۾ گرفتار ميمبر جي رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو ويندو، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته لازمي پروڊڪشن آرڊر جي صورت ۾ اسپيڪر جو اختيار نه رهندو ان کي لازمي طور پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻا پوندا، جنهن سان ميمبر جي تڪ جي عوام کي ايوان ۾ نمائندگي کان محروم نه ڪري سگهبو، ڊپٽي اسپيڪر پهريان نئين ترميم کي اڄ جمعي ڏينهن منظوري لاءِ چيو پر  فوري ترميم پيش ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اسيمبلي رولز ۾ ترميم جي قومي اسيمبلي فوري منظوري ڏني. 342 جي ايوان مان ڪورم لاءِ 86 ميمبر گهرجن جن مان رڳو 51 ميمبر موجود هئا