سڊني (اسپورٽس نيوز): آسٽريليا ۾ عظيم ڪرڪيٽرن سچن رميش ٽنڊولڪر ۽ برائن لارا اهم اعزاز سان نوازيو ويو آهي. ان ڏس ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ آسٽريليا )  چيو آهي ته  سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ جا ٻه گيٽ عظيم ڪرڪيٽرن جي نالن سان منسوب ڪيا ويا آهن. ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان سچن ٽنڊولڪر جي پنجاهين سالگرهه ۽ برائن لارا جي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ 277 رنسن جي اننگز کي ٽيهه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب مهمان ٽيم جا رانديگر ميدان ۾ لارا، ٽنڊولڪر گيٽ ذريعي اندر داخل ٿيندا جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم سَر ڊان بريڊ مين گيٽ کان گرائونڊ ۾ داخل ٿيندي. ان حوالي  سان اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر چيو آهي ته ڀارت کان ٻاهر ايس سي جي سندس پسنديدا گرائونڊ آهي، سندس هن ميدان سان تمام گڻيون ياديون جڙيل آهن. سندس چوڻ هو ته سندس لاءِ اها اعزاز جوڳي ڳالهه آهي ته مهمان ٽيمون منهنجي ۽ سندس ويجهي دوست برائن لارا جي نالي سان منسوب گيٽ استعمال ڪنديون. ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي عظيم بيٽر برائن لارا چيو آهي ته هو جڏهن به آسٽريليا ايندو آهي ته سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ جو چڪر ضرور لڳائيندو آهي. هن چيوته ايس سي جي سندس لاءِ خاص جاءِ آهي ۽ اتي هن ڪيئي يادگار ميچون کيڏيون آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ سر ڊان بريڊ مين، ايلن ڊيوڊسن ۽ آرٿر مورس جي نالن سان گيٽ منسوب آهن.