راولپنڊي (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ گرانٽ بريڊ برن چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته تيم جي هر پوزيشن تي ٻه رانديگرن ۾ مقابلو ٿئي، ڇو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن به پليئر کي رليڪسڊ نه هجڻ گهرجي، جيو نيوز سان ڳالهائيندي بريڊ برن چيو ته ٽي ٽوئنٽي هڪ مشڪل فارميٽ آهي، ان ۾ کٽڻ لاءِ پنهنجو ”اي گيم“ ڏيڻ ضروري آهي، اسان وٽ لاهور ۾ ئي سيريز کٽڻ جو موقعو هيو، پر ٽئين مئچ ۾ وڪيٽون وڃائي ڇڏيون سين، جڏهن ته پنجين مئنچ ۾ به ايئن ئي ٿيو ۽ اسان شايد 15 يا 20 رنز گهٽ ٺاهي سگهياسين، هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران اسان لاءِ ڪافي شيون سامهون آيون آهن، هن وقت پاڪستان جو اسڪواڊ ڪافي بيلنس آهي، موجوده پاڪستان ٽيم گذريل ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کان وڌيڪ بيلنسڊ ٽيم آهي، اسان جي ٽيم چيمپئينز جي ٽيم آهي پر اڃا هڪ چيمپئن ٽيم ناهي بڻي.