ڪولڪتا (اسپورٽس نيوز): اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. ايم ايس ڌوني بابت سڀني جو خيال آهي ته هو پنهنجن جذبن کي ظابطي ۾ رکڻ جو ماهر آهي ۽ هو عوامي هنڌن تي ڪاوڙ ۾ گهٽ ئي ڏٺو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارت ۾ جاري آءِ پي ايل جي هڪ ميچ ۾ ڪامينٽري دوران هرڀجن سنگهه ماضي کي ساريندي ٻڌايو ته جهارکنڊ ۾ هڪ پرئڪٽس ميچ دوران ڌوني جي ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي نه هئي، جنهن تي هو تپي باهه ٿي ويو هو. هن چيو ته ايم ايس ڌوني ڊريسنگ روم ۾ ڪاوڙ ۾ بئٽ ڦٽي ڪئي جو ان جو هينڊل ٽٽي پيو. هن وضاحت پيش ڪندي چيو ته وارم اَپ ميچ دوران ڌوني ۽ هن پنهنجون ڌار ڌار ٽيمون ٺاهيون هيون، اڳوڻي ڪپتان جي ٽيم پٺتي رهجي وئي، جنهن سبب ڌوني ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو .