ڇا لاڙڪاڻو ۽ قمبر ضلعن ۾ به شڪار پور ، جيڪب آباد ، ڪنڌڪوٽ ،سکر  وانگر قبيلائي جهيڙن جهڙيون  حالتون ٿي چڪيون آهن .

                         قبيلائي جهيڙا ،پاڻ ۾ دشمنيون ،ماڻهو مارڻ هڪ ٻئي جو مالي نقصان  ڪرڻ ڄڻ ته سنڌ جي مقدر جو حصو ٿي ويون آهن.قانون تي عمل ڪرائيندڙ ڄڻ ته اهڙن مسئلن جي حل لاءِ خاموش تما شائي ٿي پنهنجو  حصي پتي وٺڻ حق سمجن ٿا.

                         جهيڙا ڪندڙڌرين کي معاشري ۾ انصاف نه ملڻ ڪري عام ماڻهن  کي نقصان ڏيڻ ،انهن کان پئسا ڪڍڻ  کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نظر ٿو اچي .هٿيار وٺڻ ۽ جهيڙا ڪرڻ کان وڌيڪ انهن وٽ پنهنجي حياتي يا ٻي جي حياتي جي اهميت ڪونهين

                         اهڙي طرح انصاف ڏيندڙ ادارن جي خاموشي جي ڪري ماڻهو روايتي قبيلائي وڏيرن ڏانهن رخ ڪري فيصلا ڪرائن ٿا ۽ مگر جهيڙن جو سلسو  هلندو رهي ٿو ..

                         اسان جي ٻهرا ڙين ۾ تعليم اڳئي گهٽ ويتر قبيلا ئي جهيڙن جو ٽارگيٽ تعليم يافتا ،واپاري،دڪاندار ۽ پئسي وارا ئي ٿين ٿا. اهڙين حالتن مان نڪرڻ لاءِ وري ڪو رستو به نظر نٿو اچي.

ضلعن ۾ امن ڪرائڻ لاءِ مقرر .ايس ايس پي،ڊي سي ۽ ٻيا انيڪ آفيسر تما شو ڏسندڙ ٿي پنهنجن  آفيسن   ۾ سڪون سان وڏيون ميٽنگون ڪري ،ايڪشن پلان جوڙي فائيلن جو پيٽ ڀري سڪون سان پئسن جا ٿيلا ڀري وڏين گاڏين ۾ گهمي ۽ آرام ڪن ٿا. (فيس بوڪ تان ورتل)