ڪينبرا (اسپورٽس نيوز)آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ سيزن 2021-22 لاءِ 17 ڪرڪيٽرن کي ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب ٽريوس هيڊ، ميچل مارش، جوبرنز ۽ مٿيو ويڊ ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، جڏهن ته آل رائونڊر ڪيمورن گرين ڪانٽريڪٽ حاصل ڪندڙن جي فهرست ۾ شامل آهي. ڊيوڊ وانر، ايڊم زامپا، اسٽيو اسمٿ، ميچل اسٽارڪ، ٽم پين، ايرون فنچ، گلين ميڪسويل، مارنوس لابوشين، جوش هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪمنز جا نالا به فهرست ۾ شامل آهن.