ڪراچي(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۾ قرنطينه جي نون قائدن بعد انگلينڊ جي ڪجهه ڪرڪيٽرن جو نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ کيڏڻ جو امڪان گهٽ آهي. برطانوي ميڊيا موجب قرنطينه جي نون قائدن بعد انگلينڊ جا ڪجهه ڪرڪيٽر ميچ نه کيڏڻ واري فيصلي جي مرحلي ۾ آهن. قرنطينه جا نوان قانون انڊيا مان برطانيا واپس ايندڙ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، ڀارت مان واپس ايندڙن کي انگلينڊ ۾ 10 ڏينهن لاءِ قرنطينه ۾ گذارڻو پوندو، جڏهن ته انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 2 جون تي شروع ٿيندي.