پنهنجي اکين تي به اعتبار نه ڪريو: مشين اک جي ماڻڪين جي مدد سان ڪوڙ جو پتو لڳائيندي

0
275

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي ڪمپني ڪوڙ پڪڙيندڙ مشين ايجاد ڪري ورتي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي وئي آهي جيڪا اکين جي ماڻڪين جي حرڪت رڪارڊ ڪندي ۽ ان طريقي سان سچ ۽ ڪوڙ جو 90 سيڪڙو تائين بالڪل صحيح تعين ڪري سگهندي. آمريڪا جي هڪ ٽيڪنالاجي فرم کولوپرس 90 سيڪڙو تائين ڪوڙ ۽ سچ جو صحيح تعين ڪندڙ هڪ لائي ڊٽيڪٽر مشين متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. آءِ ڊيٽيڪٽ ٽيڪنالاجي انسانن جي دل جي ڌڙڪن، ساهه کڻڻ يا پوءِ پگهر اچڻ جو جائزو وٺندڙ مشينن کان بهتر آهي. فرم جي چيئرمين لوڊ ميڪلسن جو چوڻ آهي ته انسانن جي پنهنجي ساهه تي ڪنٽرول ڪرڻ پرسڪون رهڻ ۽ پگهر نه اچڻ کان سچ ۽ ڪوڙ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. آءِ ڊيٽيڪٽ کي تقريبن 100 مختلف عناصرن سان گڏ ماڻڪين جي سائز ۾ تبديلي کي رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو.