ميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا انگلينڊ کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ 221 رنز تان بدترين شڪست ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏي ويل ٽئين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي 48 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 355 رنز ٺاهيون.. آسٽريليا طرفان ٽريوس هيڊ 130 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 16 چوڪن جي مدد سان 152 رنز جي شاندار اننگ کيڏي جڏهن ته ڊيوڊ وارنر 106 رنز جي اننگز کيڏي. انگلينڊ طرفان اولي اسٽون 4 شڪار ڪيا. برسات سبب ميچ روڪي وئي برسات ختم ٿيڻ بعد ميچ 48-48 اوورن تائين محدود ڪئي وئي جنهن سبب انگلينڊ کي 48 اوورن ۾ ڊي ايل ميٿڊ تحت 364 رنز جو هدف ڏنو ويو. انگلينڊ جي ٽيم 31.4 اوورن ۾ 142 رنز تي ڍير ٿي وئي. آسٽريليا جي ايڊم زمپا 4 وڪيٽون ورتيون. ٽريوس هيڊ کي پليئر آف دي ميچ ۽ ڊيوڊ وارنر کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.