کورواهه (ن پ ا) کورواهه ۾ سومار فقير يادگار ڪاميٽي پاران سنڌ سان درد جي  رشتي جي عنوان هيٺ سنڌ جي ثقافت ملهه ملاکڙو راند ڪرائي وئي جنهن ۾ ناليوارن ملهه پهلوانن حصو ورتو جن ۾ غلام حسين پٺاڻ، مجيد جت، واحد کيريو، سجاد راهوڪڙو ۽ ٻين ملھون ماري واهه واهه ڪرائي ڇڏي. جڏهن ته ملهه ڏسندڙن پهلوانن کي خوب داد ڏنو. ان موقعي تي ملاکڙي ۾ موجود ملهن پهنجي اخبار سان ويچار  ونڊيندي چيو ته اسانکي هن ٻوڏ مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو آهي اسانجي ڪير به سار نٿو لهي اسان جا ٻه ملهه پهلوان کي اغوا ڪيو ويو آهي جن کي بازياپ ڪرايو وڃي.