ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور جي ديرا ڪالوني ون جي رھواسي صادق لاشاري جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد ھئڻ جي ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ ديرا موڙ ڪالوني ون جي رھواسي صادق لاشاري کي 5 مھينا اڳ شڪارپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ٽرڪ تي مزدوري ڪرڻ دوران رات جي وقت ڌاڙيل اغوا ڪري ڪچي کڻي ويا هئا، ان حوالي سان اغوا ٿي ويل صادق لاشاري ويڊيو بيان ذريعي پوليس ۽ وارثن سميت اعليٰ اختيارين کي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، ويڊيو ۾ نوجوان چئي رهيو آهي ته مونکي زنجيرن سان ٻڌيو ويو آهي ۽ تشدد جو بڻايو پيو وڃي، مونکي آزاد ڪرايو وڃي نه ته مري ويندس.