نئون ديرو (ن پ ا) ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ اميدوارن جي اڪثريت سان ڪاميابي تي وقتي  گورنر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چونڊيل اميدوارن ۽ جيالن جي قافلي سان گڏجي ريليءَ جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو، سراج دراني محترمه بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جو چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج دراني چيو ته نيب جي ڪوشش آهي ته مان جيل ۾ رهان ۽ اڃا به مان نيب جي ڪسٽڊي ۾ آهيان، نيب ادارو ايترو خراب ٿي چڪو آهي جنهن جا مقرر ڪيل آفيسر ڪجھه وقت کان پوءِ نظر ئي نه ايندا. نيب جي آفيسرن ماڻهن سان ايتريون زيادتيون ڪيون آهن. نيب لاءِ نئون قانون پاس ٿيو آهي ان کي ڏسون پيا، هن چيو ته جنهن منهنجي مٿان ڪوڙي درخواست داخل ڪرائي آهي ان خلاف به جلد آئون ڪيس داخل ڪرائي ان کي سزا ڏياريندس. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم وارا اسان جا اتحادي آهن. پر اليڪشن هر ڪو پنهنجي جماعت سان گڏجي وڙهندو آهي.