ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سانوڻي جو پهريون وسڪارو  جمعي  پهرين جولاءِ کان شروع ٿيڻ  جي آگاهي  ڏئي ڇڏي، موسميات موجب هن وقت ڪراچي شهر ٻوسٽ ۽ گرمي جي لپيٽ ۾ آهي، عربي سمنڊ ۾ ڀارتي گجرات ويجهو هوا جو دٻاءُ گهٽ آهي، جنهن ڪري ڪراچي ۾ ڏينهن جو سامونڊي هوائون نٿيون گهلن ۽ گرمي رهي ٿي، 30 جون کان بنگال واري نار جي پاسي کان سانوڻي جون هوائون پاڪستان ۾ داخل ٿينديون، جنهن بعد ِ موسم ۾ بهتري جو امڪان آهي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ سميت ڏاکڻي سنڌ  ۾ پهرين جولاءِ جي رات کان برسات جو امڪان آهي، اهو برساتي سلسلو 2 جولاءِ تي ڪراچي ۾ داخل ٿيندو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 4 کان 5 ڏينهن وقفي وقفي سان برسات جو امڪان ِآهي.