لاس اينجلس (شوبز نيوز) ناليواري آمريڪي گلوڪارا آريانا گرانڊي پنهنجي شادي جون تصويرون جاري ڪندي مداحن کي اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته سندس شادي ڪڏهن ٿي هئي.ڪجهه ڏينهن اڳ 27 ورهين جي آريانا گرانڊي ۽ سندس مڱيندي ڊالٽن گومز جي محدود مهمانن جي موجودگي ۾ شادي جون خبرون سامهون آيون هيون پر ماڻهن کي انتهائي سادي ۽ خاموش تقريب ۾ ٿيندڙ ان شادي جي تاريخن جي خبر نه پئجي سگهي.هاڻ گلوڪارا انسٽاگرام اڪائونٽ تي شادي جون تصويرون جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته منهنجي نئين زندگي جي شروعات 15 مئي تي ٿي هئي.آريانا جي تصويرن کي لکين ماڻهن طرفان پسند ڪيو ويو آهي، کيس مبارڪن سان گڏ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو پيو وڃي.