ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پي ايس پي سربراھ ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو آھي ته  جنهن ملڪ کي ھلائڻ لاءِ آءِ ايم ايف ، چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن مان قرض کنيو  پيو وڃي، انھي ملڪ جي معاشي حب ڪراچي ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جو ھڪ بلڊر، جيڪو مذھبي تنظيم جو فنانسر پڻ آھي، پاڻ کي اھم اداري جي اھم عملدار جو فرنٽ مين سڏائي عوام کي تنگ پيو ڪري، ملڪي سلامتي خاطر انھي اھم عملدار جو نالو نٿو کڻان، آرمي چيف ڪراچي ۾ بدامني جي سازش جو پردو چاڪ ڪري  اسانجي آفيس تي ٿيل حملي جو نوٽيس وٺي ـ ڪالھه پاڪستان ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ڪورنگي واري تڪ اين اي 240 تي ٿيل ننڍي اليڪشن دوران اسانجي ڪارڪن سيف الدين کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو، ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا پر پوليس اڃا تائين واقعي واري ھنڌ جو به جائزو ناھي ورتو، اسان کي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت مان انصاف جي اميد ناھي، ھن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ اھو پيغام ڏنو ويو ته ڪراچي ۾ بنا ھٿيارن ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي ملي ڀڳت کانسواءِ اليڪشن کٽڻ ممڪن ناھي،  مڪاني اليڪشن ۾ اسانجي اميدوارن جا فارم بنا سبب رد ڪيا پيا وڃن،  اپيل جو حق به نٿو ڏنو وڃي