پشاور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف چونڊڻ جو اختيار ڪرپٽ نوازشريف ۽ زرداري کي نٿا ڏئي سگهون، ميرٽ جو چئي غلط ڳالهه ناهي ڪئي، فوج به منهنجي، ملڪ به منهنجو آهي، عدليا جو احترام ڪريان ٿو، هي ادارن سان ويڙهائڻ چاهين ٿا.  پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جڏهن پرڏيهي سازش تحت اسانجي حڪومت ڪيرائي وئي، تڏهن  پهريون جلسو پشاور ۾ ڪيو هو، پشاور وارن ڪڏهن به مونکي مايوس ناهي ڪيو. عمران خان چيو ته چورن جي ٽولي کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير به مونکي هارائي نٿو سگهي، ٿري اسٽوجز کي خبر آهي ته جڏهن به چونڊ ٿي ته کين شڪست ملندي، مخالف مونکي نااهل ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن، مخالفن مونکي دهشتگرد بڻائي ڇڏيو آهي، انهن جو حال به ان ٽيم جهڙو آهي جيڪا شڪست ڏسندي وڪيٽون ئي کڻي ويندي آهي. فوج مخالف بيان تي عمران خان وضاحت پيش ڪندي چيو ته مون چيو هو ته آرمي چيف جي چونڊ ميرٽ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، مونکي ٻڌايو جيڪو خيرخواهه هوندو آهي اهو ته ائين چوندو ميرٽ تي چونڊ ڪريو، ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه هئي؟ ميرٽ سان بهتري ايندي آهي، مون ڪرڪيٽ ۾ به ميرٽ جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته هاڻ اسان ايتري اهم عهدي تي مقرري جو اختيار آصف زرداري ۽ نوازشريف جهڙن بدعنوان سياستدانن جي هٿن ۾ ڏينداسين؟ نواز شريف روپوش آهي، سندس اربين رپين جي ملڪيت پڪڙي وئي آهي، ڇا هڪ چور، ڀاڄوڪڙ ۽ روپوش کي پاڪستان جو آرمي چيف چونڊڻ گهرجي؟ کين پاڪستان جو سپهه سالار نه چونڊڻ گهرجي.  عمران خان عورت جج بابت بيان تي وضاحت ڏيندي چيو ته عدليا جو احترام ڪندو آهيان، جج زيبا خلاف شهباز گِل تي تشدد ٿيندو ڏسي سخت بيان ڏنو، سوشل ميڊيا تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف مهم هلائي پئي وڃي، مون پنهنجن ماڻهن کي ڪڏهن به اجازت ناهي ڏني ته اهي عدليا کي نشانو بڻائن، ڇاڪاڻ انصاف ٿيندو ته سياست ٿيندي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته فوج به منهنجي، ملڪ به منهنجو آهي، فوج آزاد هوندي ته اسان مضبوط ٿينداسين، نواز ليگ ۽ پي ڊي ايم وارا مونکي فوج مخالف ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، اسانجي جيڪا به تنقيد ڪندا آهيون اها تعميري تنقيد هوندي آهي. عمران خان چيو ته نوازشريف ڊان ليڪس ذريعي ڀارت کي ٻڌايو ته راحيل شريف دهشگردن جو سردار آهي، فوج سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، اسان ڪجهه نٿا ڪريون. هن چيو ته آئون پنهنجي عدليا جو احترام ڪندو آهيان، ماتحت عدالتن جو قدر ڪريان ٿو، هڪ جج زيبا خلاف جيڪڏهن سخت ٻولي استعمال ڪئي ته ان جو سبب هو، عمران خان سبب ٻڌائيندي چيو ته آئون شهباز گِل کي ڏسي رهيو هيس، ان تي قيد ۾ تشدد ڪيو ويو، اگهاڙو ڪيو ويو، ان تي دٻاءُ هو ته منهنجي خلاف بيان ڏئي، مون ڪڏهن ناهي سوچيو ته جج کي ڌمڪي ڏيان، منهنجو يقين آهي ته جيستائين ادارا مضبوط نه هوندا، مٿي نه ايندا ته ملڪ به اڳتي نه وڌي سگهندو،  تحريڪ انصاف کي ادارن سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، ڊي جي خان، راجنپور، ڊيرا اسماعيل خان ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، الله اسان کي وڏي امتحان ۾ وڌو آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ جا  ماڻهو وڏي مشڪل ۾ آهن، جڏهن ته منهنجي خلاف هڪ وڏي منظم پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي، نوجوانن کي حقيقي آزادي جو مطلب سمجهائڻ چاهيان ٿو، اسان زنجيرن سبب مٿي اُڏام نٿا ڀري سگهون، پاڻ سڳورن صلعم جي سنت تي هلندي قوم کي جڳائڻ چاهيان ٿو ته جيئن اهي زنجير ٽٽي پون. هن چيو ته چورن جو ٽولو پروپيگينڊا ڪري رهيو آهي، آمريڪي سازش تحت چورن جو ٽولو ملڪ مٿان مڙهيو ويو، اسان پاڪستان کي علامه اقبال جي خواب جهڙو عظيم ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان سڄي دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت ڪرائڻ چاهيون ٿا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته چورن جي هوندي پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت نه ٿيندي اڄوڪي جلسي ۾ توهان کي سکيا ڏني ويندي، جلسي ۾ ڪيئي ويڊيوز ڏيکارڻا آهن، هن جلسي ۾ شريڪ ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي چيو ته ڇا توهان امپورٽڊ وزيراعظم شهباز شريف کي تسليم ڪيو ٿا؟ جيڪڏهن شهبازشريف غيرتمند وزيراعظم هجي ها ته چوري ڪيل پيسو واپس ملڪ آڻي ها، پوءِ دنيا کان ٻوڏ متاثرن جي نالي تي خيرات پني ها،